ابن خردازبه 2

ابن خردازبه: ابن خردازبه جو اصل نالو عبيدالله هو. هيءُ پنهنجي پڙڏاڏي جي نالي پويان پاڻ کي ’ابن خردازبه‘ سڏائيندو هو. سندس جنم 826ع ڌاري ٿيو. هن جو اصل وطن خراسان هو ۽ هيءُ بغداد ۾ رهندو هو. هن جو پڙڏاڏو خردازبه لعل مجوسي هو ۽ برامڪه جي هٿ تي مسلمان ٿيو هو. ابن خردازبه عباسي خليفي’معتد‘ جي زماني ۾ ٽپال کاتي ۾ مخفي اطلاعات جو آفيسر هو ۽ کاتي جي اهم ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو. هيءُ سٺو ليکڪ به هو. سندس ڪتاب ’المسالڪ و الممالڪ‘ تمام گھڻو مشهور ٿيو. اهو ڪتاب عربيءَ ۾ جاگرافيءَ جو پهريون ڪتاب آهي. هن پنهنجي سفرنامن ۾ بغداد، هند، سنڌ جي بري، بحري رستن بابت آمدرفت جي ڪافي ڄاڻ ڏني آهي. ابن خردازبه جن ملڪن ۾ ويو، اتان جي تاريخي معلومات به ڏني اٿس. ڪن محققن جو خيال آهي ته هيءُ سنڌ ۾ پاڻ ڪونه آيو، بلڪ سندس ڪتابن ۾ درج سنڌ جو احوال کاتي جي سرڪاري رپورٽن تي مبني آهي. هن 912ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو